تازہ ترین

چيني پرڏيهي وزير جو ايراني ۽ سعودي هم منصب سان رابطو، وڌيڪ ڇڪتاڻ جو ارادو نه آهي: ايران

بيجنگ: چيني پرڏيهي وزير ايراني ۽ سعودي هم منصب سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو جنهن ۾ وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب چين علاقائي ۽ پاڙيسري ملڪن کي نشانو نه بنائڻ جي ايران جي قدم جي تعريف ڪئي. ايراني پرڏيهي وزير سان ڳالهين ۾ چيني پرڏيهي وزير چيو ته يقين آهي ته ايران پنهنجي خودمختاري جي حفاظت ڪندي صورتحال کي بهتر طريقي سان سنڀالي وٺندو ۽ خطي کي وڌيڪ انتشار کان بچائيندو

چيني پرڏيهي وزير چيو ته شام ۾ ايراني سفارتخاني تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ۽ مخالفت ڪريون ٿا، واقعو عالمي قانون جي سنگين ڀڃڪڙي ۽ برداشت نه ڪرڻ جوڳو آهي

ان موقعي تي ايراني پرڏيهي وزير چيو ته علائقائي ڇڪتاڻ کان آگاهه آهيون ۽ صبر سان ڪم وٺڻ تي به راضي آهيون. ايران وڌيڪ ڇڪتاڻ جو ڪوبه ارادو نٿو رکي

ٻئي طرف چين جي پرڏيهي وزير سعودي هم منصب سان به رابطو ڪيو. جنهن ۾ هن چيو ته چين وچ اوڀر ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ کان بچڻ لاءِ رياض سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي

ان دوران سعودي پرڏيهي وزير چيو ته موجوده صورتحال تي چين سان فعال ۽ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي اميد آهي. سعودي عرب چين تي مڪمل ڀروسو ڪري ٿو. غزه ۾ فوري ۽ غير مشروط جنگبندي لاءِ چين سان رابطا مضبوط ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.