تازہ ترین

سنڌ حڪومت صوبي ۾ پاڻي کوٽ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ سرڪار سنڌ ۾ پاڻي کوٽ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته امڪاني ڊيٽا جي بنياد تي زرعي پاڻي جو مطالعو ڪيو وڃي، جڏهن ته مطالعو ڪرڻ گهرجي ته ايندڙ 10 سالن ۾ صوبي کي ڪيترو پاڻي ملندو ۽ ان جا زراعت تي ڪهڙا اثر پوندا

اهڙو اظهار سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آبپاشي کاتي ۽ زراعت جي گڏيل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو

وڏي وزير چيو ته موسمي تبديلين سبب فصلن جو طريقو ۽ پاڻي جي دستيابي جو مطالعو ڪرڻو پوندو

سندس چوڻ هو ته آبپاشي ۽ زرعي ماهرن سان به مشاورت ڪئي وڃي ، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اهڙا فصل پوکجن جيڪي گهٽ پاڻي سان وڌيڪ پيداوار ڏين

هن وڌيڪ چيو ته اسان کي زراعت کي ڊريپ ۽ اسپري ڪلر تي ترقي ڪرڻي پوندي، زراعت کاتو پنهنجي تحقيقي مرڪزن کي فعال ڪري نئين فصلن جي حوالي سان حڪومت جي مدد ڪري

هن جو چوڻ هو ته زراعت کاتي کي گهرجي ته اهي فصل متعارف ڪرائين جيڪي زرعي پيداوار وڌائي ۽ ملڪ جي معيشت کي سهارو ڏين

اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير هدايت ڪئي ته جيستائين گليشيئر ڳرندو تيستائين اسان جي آبپاشي نظام کي ضرورت کان گهٽ پاڻي ملندو

سنڌ جي وڏي وزير رٿابندي ۽ ترقي کاتي کي هدايت ڪندي چيو ته زرعي ترقي لاءِ سائنسي بنيادن تي عالمي بئنڪ ۽ انٽرنيشنل ڊولپمينٽ بئنڪ کان مدد ورتي وڃي.

وڏي وزير جي چيف سيڪريٽري سنڌ کي هدايتون جاري ڪندي چيو ته آبپاشي کاتي ۽ زراعت کاتي جا اجلاس گهرائي کيس پنهنجون تجويزون ڏنيون وڃن

اجلاس ۾ آبپاشي وزير ڄام خان شورو، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه، سيڪريٽري آبپاشي ظريف ڪيريو ۽ زراعت کاتي جي آفيسرن شرڪت ڪئي

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.