تازہ ترین

October 30, 2024

Year : 2025

پي ٽي آءِ سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر پنهنجي سينيٽ جي سيٽ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، ڊاڪٽر ثانيه نشتر جنيوا ۾ عالمي اداري ۾ ملازمت ملڻ سبب سينيٽر طور استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. ثانيه نشتر پنهنجي استعيفيٰ سينيٽ سيڪريٽريٽ کي اماڻي ڇڏي آهي.

وزيراعليٰ پنجاب پاران اقليتي ڪارڊ متعارف ڪرائڻ جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جو اقليتي ڪارڊ متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، لاهور ۾ اقليتي برادريءَ جي ڏياري تقريب کي خطاب ڪندي پنجاب جي وزير اعليٰ مريم نواز جو چوڻ هو ته  20ڊسمبر تي اقليتي ڪارڊ متعارف ڪرائينداسين، اقليتي ڪارڊ ذريعي ساڍا 10 هزار رپيا ماهوار ڏنا ويندا.

صدر پنهنجا اختيار پارليامينٽ کي ڏئي ان کي مضبوط ڪيو: عاجز ڌامراهه/ آغا فيع الله

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي اڳواڻ عاجز ڌامراهه  چيو آهي ته صدر آصف علي زرداري پنهنجا اختيار پارليامينٽ کي ڏئي ان کي مضبوط ڪيو، پ پ پ چيئرمين ثابت ڪيو ته هو پاڪستان جو اڀرندڙ ليڊر آهي. ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عاجز ڌامراهه چيو ته اسيمبلين کي ختم ڪندڙ شق کي آئين مان ڪڍي […]

ڇويهين آئيني ترميم جي منظوري ۾ بلاول ڀٽو جو اهم ڪردار هو: فيصل ڪريم ڪنڊي

اسلام آباد (ويب ڊيڪس) ڪي پي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي  چيو آهي ته ماڻهو 27 هين آئيني ترميم جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، 26هين ترميم سڀني جي سامهون منظور ٿي چڪي آهي. 26هين آئيني ترميم جي منظوري ۾ بلاول ڀٽو جو اهم ڪردار هو. هن چيو ته 27هين آئيني ترميم اڄ، سڀاڻي يا وري […]

لاهور دنيا جي گدلن شهرن جي لسٽ ۾ ٽئين نمبر تي اچي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور گدلن شهرن جي لسٽ ۾ ٻئي نمبر کان ٽئين نمبر تي اچي ويو آهي، لاهور جو  ايئر ڪوالٽي انڊيڪس 232 تي اچي ويو، ڀارتي راڄڌاني دهلي دنيا جي گدلن ترين شهرن ۾ ٻئي نمبر تي اچي ويو آهي. ڀارتي گاديءَ واري هنڌ جو  ايئر ڪوالٽي انڊيڪس 303 رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

پي سي بي چيئرمين جو ڪراچي اسٽيڊيم جو دورو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ چيئرمين محسن نقوي پاران نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي جو دورو ڪيو ويو، پي سي بي چيئرمين اسٽيڊيم جي اپ گريڊيشن جي تعميراتي ڪم جو جائزو ورتو، محسن نقويءَ انتظاميه کي پارڪنگ ايريا کي اسٽيڊيم جي ويجهو ڪرڻ جي هدايت ڪئي، ان موقعي تي محسن نقويءَ چيو ته منصوبي کي وقت […]

جهول ڀرسان جوابدار گھرو اڻبڻت تان 4 گھر ڀاتين کي قتل ڪري ڇڏيو

جهول (ويب ڊيسڪ) جهول ڀرسان جوابدار گھرو اڻبڻت تان 4 گھر ڀاتين کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار لاکو ڀيل ماءُ، 2 ڀينرن ۽ ڀيڻيوئي کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، مقامي پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار ڀيڻ جي شادي مرضي کان سواءِ ڪرائڻ تي گھرڀاتين کي قتل ڪيو ڪيو آهي. […]

سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران 26 هين ترميم خلاف ڪيس گڏائي ٻڌڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ 26 هين آئيني ترميم خلاف درخواستون گڏائي ٻڌڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، ان موقعي تي چيف جسٽس محمد شفيع صديقي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چوڻ آهي ته سڀاڻي کان ٻه رڪني بئنچ درخواستن جي ٻڌڻي ڪندي،  چيف جسٽس پاران درخواستون سڀاڻي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي […]

موسمياتي تبديلي اڄ سڀ کان وڏو چئلينج آهي: احسن اقبال

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) رٿابندي ۽ ترقي وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته موسمياتي تبديلي اڄ سڀ کان وڏو چئلينج آهي، اسلام آباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي، ٻه سال اڳ پاڪستان ٻوڏ جي صورت ۾ بدترين […]

ڪراچي: ڪورنگي اڍائي نمبر ۾ فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچيءَ جي علائقي ڪورنگي اڍائي نمبر ۾ فائرنگ جي هڪ واقعي ۾ هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو، اڻڄاتل هٿياربندن شهري کي قتل ڪرڻ بعد موقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو مڙهه اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.

Politics

Politics

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.