ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪنهن به چيني شهري کان ڀتا وٺڻ جي شڪايت ناهي ملي، خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي آءِ جو چوڻ هو ته هو چيني ڀائرن جي سڪيورٽي تي ٺاهه نٿا ڪري سگهن، سڪيورٽي خدشن سبب چيني شهرين جي ڇرپـُر محدود آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ ڪنهن به چيني شهري کان ڀتي خوري جي شڪايت نه ملي آهي، چيني شهرين جي قانوني ڪارروائي جي جاچ ڪري رهيا آهيون. غلام نبي ميمڻ چيو ته پرڏيهين جي سڪيورٽي بابت ايس او پيز تي عملدرآمد پوليس لاءِ لازمي آهي.