اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) توشيٰ خانه ٽو ڪيس ۾ بشريٰ بي بي جي آزاديءَ واري درخواست تي ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامون جاري ڪيو ويو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس انعام امين منهاس 2 صفحن تي ٻڌل لکت ۾ حڪم نامون جاري ڪيو. ان کان سواءِ ٽرائل روڪڻ جي اسٽي واري درخواست تي به ايف آءِ اي کي نوٽيس جاري ڪيو ويو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته درخواست گذار جو موقف آهي ته ان جي خلاف ڪيس نٿو ٺهي، کيس آزاد ڪيو وڃي. لکت واري حڪم نامي موجب باني پي ٽي آءِ جي وڪيل جو چوڻ آهي ته 5 واعدي معاف شاهدن تي پراسيڪيوشن جو ڪيس نٿو ٺهي. عدالت اهو به چيو ته وڪيل موجب ٽرائل ڪورٽ تيزيءَ ۾ ٽرائل اڳتي وڌائي رهي آهي جنهن سان درخواست گذار جا بنيادي حق متاثر ٿي سگھن ٿا.