اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ لاٿ جي باوجود وفاقي سرڪار پيٽرول مهانگو ڪري ڇڏيو، پيٽرول جي اگهه ۾ هڪ رُپيو 35 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 3 رُپيا 85 پئسا في ليٽر اضافو ڪيو ويو، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 255 رُپيا 14 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي، پيٽرول جي نئين قيمت 248 رُپيا 38 پئسا في ليٽر ٿي وئي، گاسليٽ ۽ لائيٽ ڊيزل آئل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪري گاسليٽ هڪ رپيو 48 پئسا ۽ لائيٽڊيزل آئل 2 رپيا 61 پئسا في ليٽر سستو ڪيو ويو آهي، رات دير سان نين قيمن جي اگھن جي اعلان بعد نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو هو.