تازہ ترین

وزيراعظم شهباز شريف جي قطر جي امير سان ملاقات

قطر (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف قطر جي امير محمد بن عبدالرحمان الثاني سان ملاقات ڪئي آهي، ملاقات ۾ ٻه طرفن لاڳاپن ۽ مختلف شعبن تي سهڪار وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ  ڪئي وئي. وزيراعظم ۽ قطري منصب وچ ۾ عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ پرامن حل ۽ گڏيل سهڪار جي ضرورت تي زور ڀريو. وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ قطر جي سهڪار جي واکاڻ ڪئي. وزيراعظم پاڪستان جي مختلف شعبن ۾ قطر جي حمايت تي قطري امير جا ٿورا مڃيا، وزيراعظم ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاشي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ پاڪستان جو عزم ورجايو.قطري وزيراعظم خطي ۾ امن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو عزم ورجايو. وزيراعظم شهباز شريف قطري سيڙپڪارن کي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. وزيراعظم شهباز شريف شاندار مهمان نوازي تي قطري وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. شهباز شريف جو چوڻ آهي ته قطر ۾ موجود پاڪستاني ٻنهي ملڪن جي ترقي ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. وزيراعظم غزا جي عوام لاءِ قطر جي انساني همدري وارن قدمن ۽ سفارتي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.