تازہ ترین

اورنگي ٽائون: عورت ۽ ٻارن کي ڇرين سان قتل ڪندڙ سندن مائٽ نڪتو

ڪراچيءَ جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ عورت ۽ معصوم ٻارڙن کي ڇريءَ سان ڳلو ڪپي قتل ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو. ايس ايس پي ويسٽ طارق مستوئي موجب گرفتار جوابدار سمير علي عورت جي مڙس جو سئوٽ آهي جنهن جھيڙي دوران مزاحمت تي عورت ۽ ٻارڙن تي حملو ڪيو هو. پوليس موجب ڪجھه ڏينهن اڳ هڪ عورت ۽ ٻِن معصوم ٻارن کي تيزڌار اوزار سان زخمي هو جڏهن ته ستن سالن جو زخمي ٻارڙي اسپتال ۾ دم ڏنو هو. ايس ايس پي يوسٽ موجب واقعي جو ڪيس متاثر عورت جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو هو. واضح رهي ته 4 ڏينهن اڳ اورنگي ٽائون ساڍا 8 نمبر ۾ هڪ گھر مان ماءُ ۽ 2 ٻارڙا زخمي حالت ۾ هٿ آيا هئا، جن جا تيزڌار اوزار سان ڳلا ڪپيل هئا، جن کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو هو پر بعد ۾ هڪ ٻارڙي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو هو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.