تازہ ترین

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي پرڏيهي آفيس سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي پرڏيهي آفيس سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ميانمار مان سنڌ جي ٽن نوجوانن کي زبردستي اغوا ڪيو ويو، جيڪو انتهائي ڏکوئيندڙ واقعو آهي.

وڏي وزير چيو ته وفاقي حڪومت مغوين جي فوري بازيابي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سفارتي لاڳاپا استعمال ڪري، نوجوانن تي تشدد ڪيو ويو، جنهن جي مذمت ڪريون ٿا.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته هُو مغوين جي بازيابي لاءِ پنهنجي پوري صلاحيت استعمال ڪندا. ترجمان موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اغوا ٿيل نوجوان جي وارثن سان همدردي جو پڻ اظهار ڪيو آهي

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.