تازہ ترین

February 4, 2025

Year : 2025

حڪومت پاران روزگار لاءِ پرڏيهه ويندڙ ۽ ليپ ٽاپ جي خواهشمند لاءِ خوشخبري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف نوجوانن جي لاءِ ڪاروبار ۽ زراعت جي قرض واري اسڪيم جو دائرو وڌائي ڇڏيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ موجب وزيراعظم طرفان قرض اسڪيم جي دائري ۾ واڌ کان پوءِ امڪاني پرڏيهه ويندڙ افرادي قوت ۽ ليپ ٽاپ جي لاءِ به قرض وٺي سگھبو، ليپ ٽاپ جي لاءِ 4 سالا قرض […]

دنيا جي نوجوانن ۾ تيزيءَ سان ڦهلجندڙ ڪينسر جو مرض

ڪراچي (هيلٿ ڊيسڪ) سموري دنيا ۾ ڪينسر تيزيءَ سان ڦهلجي رهيو آهي، ڦڦڙن جو ڪينسر سڀ کان وڌيڪ ڦهلجندڙ مرض بڻجي ويو آهي. سموري دنيا ۾ جوان ماڻهن جي ڪينسر سبب متاثر ٿيڻ جي انگ ۾ واڌ اچي وئي آهي، مخصوص قسم جي جوانن جي متاثر ٿيڻ جو خطرو 1950ع کان پوءِ لاڳيتو وڌي رهيو […]

چين پاران آمريڪي شين تي 15 سيڪڙو ٽيرف لڳائڻ جو اعلان، گوگل خلاف جاچ شروع

بيجنگ (انٽرنيشنل ڊيسڪ) چين پنهنجي شين تي نون ٽئڪسن جي جواب ۾ آمريڪي درآمد ٿيندڙ شين تي 10 کان 15 سيڪڙو نوان ٽيرف لاڳو ڪري ڇڏيا آهن جنهن کان پوءِ ٻه وڏيون معيشيتن جي وچ ۾ واپاري جنگ وڌي وئي آهي. ان کان اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ غير قانوني منشيات جي وهڪري کي نه […]

وفاقي حڪومت جو يوٽيلٽي اسٽورز کان بنا رمضان پيڪيج آڻڻ جو اعلان

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) وفاقي حڪومت يوٽيلٽي اسٽورز کان بنا رمضان پيڪيج آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته يوٽيلٽي اسٽورز کان بنا رمضان پيڪيج آڻينداسين، زرعي ٽئڪس وقت جي گهرج آهي، جنهن ڪري ان جو دائرو صوبن تائين وڌايو ويو، چارئي صوبائي اسيمبليون زراعت تي ٽئڪس منظور ڪري چڪيون آهن. […]

سيڪيورٽي ذريعن تحريڪ انصاف باني جي خط جِي ترديد ڪري ڇڏي

راولپنڊي (نيشنل ڊيسڪ) سيڪيورٽي ذريعن تحريڪ انصاف باني جي خط جِي ترديد ڪري ڇڏي، سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف جَي باني جو اهڙو ڪو به خط ناهي مليو، اسٽيبلشمينٽ کي اهڙو خط پڙهڻ ۾ ڪا به دلچسپي ناهي، پي ٽي آءِ باني خط جي نالي تي هڪ ٻيو ڊرامو ڪرڻ جي ڪوشش […]

ڪراچي جي گارڊن ۾ ڦورن جي فائرنگ ۾ شهري مارجي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي گارڊن واري علائقي ۾ ڦورن جي فائرنگ ۾ شهري مارجي ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل شهري جي سڃاڻپ طاهر نالي سان ٿي، پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان جو لاش اسپتال منتقل ڪرڻ بعد وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

شاهپور چاڪر ۽ ٺل ۾ هٿياربندن هٿان 2 ڄڻا قتل، هڪ ڄڻو زخمي

شاهپور چاڪر (ويب ڊيسڪ) شاهپور چاڪر ۽ ٺل ۾ هٿياربندن هٿان 2 ڄڻا قتل، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، ٺل جي رهبر چوڪ تي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڪشمور واسي نوجوان احمد علي ڀنگوار کي قتل ڪري ڇڏيو، شاهپورچاڪر ۾ سرن جي بٺي تي هٿياربندن فائرنگ ڪري هڪ ڀاءُ کي قتل  ۽ ٻئي کي زخمي ڪرڻ […]

پندرنهن مهينن دوران اسرائيلي بمباريءَ ۾ 61 هزار فلسطيني شهيد ٿيا

غزا (انٽرنيشل ڊيسڪ) اسرائيلي فوج جي غزه ۾ 15 مهينن کان وڌيڪ عرصي کان هلندڙ بمباريءَ ۾ 61 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا، غزا عملدارن جي رپورٽ موجب جنگ بنديءَ کان پوءِ عمارتن جي مٽيءَ جي ڍيرن هيٺان هزارين شهيدن جا لاش هٿ آيا آهن ۽ وڌيڪ 14 هزار کان وڌيڪ لاش هن […]

سنڌ حڪومت جو منافعي خورن خلاف ڪارروائيءَ لاءِ ٿاڻا ٺاهڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت سڄي صوبي ۾ منافعي خورن جي خلاف ڪارروائيءَ جو فيصلو ڪيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير جي ٻانهن ٻيلي وقار مهدي ۽ عثمان هنگورو جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبي جي سمورن ضلعن ۾ منافعي خورن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ وقار مهدي چيو ته […]

مفتي قويءَ راکي ساونت سان شاديءَ لاءِ تيار ٿي ويو

لاهور (شوبز ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪار دودي خان پاران ڀارتي اداڪارا راکي ساونت سان شاديءَ کان انڪار ڪرڻ کان پوءِ مفتوي قويءَ راکي ساونت کي شاديءَ لاءِ مشروط آڇ ڪري ڇڏي. هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ عورت پوڊ ڪاسٽر چيو ته راکي ساونت جو چوڻ آهي ته هو ڪنهن پاڪستاني مولويءَ سان شادي ڪندي، ڇا توهان ان […]

Politics

Politics

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.