ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت سڄي صوبي ۾ منافعي خورن جي خلاف ڪارروائيءَ جو فيصلو ڪيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير جي ٻانهن ٻيلي وقار مهدي ۽ عثمان هنگورو جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبي جي سمورن ضلعن ۾ منافعي خورن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ وقار مهدي چيو ته منافعي خورن خلاف ڪارروائي لاءِ ٿاڻا ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ٿاڻن ۾ بيورو آف سپلاءِ کاتي ۽ پوليس جو عملو شامل هوندو. هن چيو ته کاڌ خوراڪ جي شين جي قيمتن ۾ استحڪام آڻڻ ۽ ذخيره اندوزي روڪڻ چاهيون ٿا، ان کان سواءِ سمورن گودامن کي رمضان کان پهريان رجسٽر ڪرڻ جو فيصلو به ڪيو آهي، بچت بازارن ۾ خاص طور اسٽال ۽ فروٽ جي مقرر قيمتن کي يقيني بڻايو ويندو، جڏهن ته سبزي منڊين جي ڪولڊ اسٽوريج رجسٽر ۽ انهن جي نگراني پڻ ڪئي ويندي. وقار مهدي جو وڌيڪ چوڻ هو ته نوان ٿاڻا سنڌ ۾ منافعي خورن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جا مجاز هوندا، سموري صوبي جي مارڪيٽن جي نگرانيءَ لاءِ خاص ڊيوٽيون لڳائڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي.