لاهور (شوبز ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪار دودي خان پاران ڀارتي اداڪارا راکي ساونت سان شاديءَ کان انڪار ڪرڻ کان پوءِ مفتوي قويءَ راکي ساونت کي شاديءَ لاءِ مشروط آڇ ڪري ڇڏي. هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ عورت پوڊ ڪاسٽر چيو ته راکي ساونت جو چوڻ آهي ته هو ڪنهن پاڪستاني مولويءَ سان شادي ڪندي، ڇا توهان ان سان شاديءَ جا خواهشمند آهيو، ان تي مفتي قويءَ جو چوڻ هو ته مان حاضر آهيان، توهان ان کان سوال ڪيو ته ڪٿي هوءَ ڪنهن جي نڪاح ۾ ته ناهي! ان موقعي تي مفتي قويءَ جو اهو به چوڻ هو ته هو هڪ شرط تي راکي ساونت سان شادي ڪندس، جيڪڏهن منهنجي ماءُ مون کي ان جي اجازت ڏئي. مفتيءَ جو چوڻ هو ته منهنجي ماءُ مون کي حڪم ڏنو آهي ته جيڪو به نڪاح ڪرڻو اٿئي مون کان پڇي ڪرڻو اٿئي ۽ ڪنهن کي به پنهنجي نڪاح جو انگ ناهي ٻڌائڻو. ياد رهي ته تڪرارن جي ڪري خبرن ۾ رهندڙ 46 سالا ڀارتي اداڪارا راکي ساونت چند ڏينهن اڳ پاڪستان ۾ شاديءَ جو اعلان ڪيو هو، ڀارتي اخبار ٽائمز آف انڊيا سان ڳالهائيندي راکي ساونت جو چوڻ هو ته پاڪستان دوري دوران مون کي ڪيترائي شاديءَ جا پرپوزل مليا. راکي چيو ته مون جنهن کي پسند ڪيو ان جو نالو دودي خان آهي جيڪو اداڪار آهي، پاڪستان ۾ تمام گھڻا رشتا آيا انهن پاڻ مون کي پرپوز ڪيو پر مون دودي خان جي چونڊ ڪئي.