تازہ ترین

حڪومت پاران روزگار لاءِ پرڏيهه ويندڙ ۽ ليپ ٽاپ جي خواهشمند لاءِ خوشخبري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف نوجوانن جي لاءِ ڪاروبار ۽ زراعت جي قرض واري اسڪيم جو دائرو وڌائي ڇڏيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ موجب وزيراعظم طرفان قرض اسڪيم جي دائري ۾ واڌ کان پوءِ امڪاني پرڏيهه ويندڙ افرادي قوت ۽ ليپ ٽاپ جي لاءِ به قرض وٺي سگھبو، ليپ ٽاپ جي لاءِ 4 سالا قرض ڪائيبورپلس 3 سيڪڙو بئنڪ ريٽ تي مهيا ٿيندو، جڏهن ته ليپ ٽاپ ايچ اي سي جي منظور ٿيل ادارن کان 18 کان 30 سالن جا شاگرد وٺي سگھندا. اسٽيٽ بئنڪ عملدارن موجب ليپ ٽاپ جي لاءِ هڪ لک 50 هزار، 3 لک ۽ 4 لک 50 هزار رپيا قرض ڏنو ويندو جڏهن ته ليپ ٽاپ جو قسطون يونيورسٽي فيس سان گڏ ادا ڪيون وينديون. اسٽيٽ بئنڪ موجب پرڏيهه ۾ روزگار لاءِ ويندڙن کي ٽريننگ، ويزا ۽ سفري خرچن جي ڏس ۾ 10 لک رپيا قرض ڏنو ويندو، قرض جو مدو 5 سال ۽ بئنڪ ريٽ ڪائيبورپلس 3 سيڪڙو هوندو جڏهن ته قرض جي فراهمي 21 کان 45 سالن تائين جي ماڻهن جي لاءِ هوندي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.