اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) وفاقي حڪومت يوٽيلٽي اسٽورز کان بنا رمضان پيڪيج آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته يوٽيلٽي اسٽورز کان بنا رمضان پيڪيج آڻينداسين، زرعي ٽئڪس وقت جي گهرج آهي، جنهن ڪري ان جو دائرو صوبن تائين وڌايو ويو، چارئي صوبائي اسيمبليون زراعت تي ٽئڪس منظور ڪري چڪيون آهن. وزيراعظم چيو ته ماضيءَ جي غلط پاليسين سبب اڄ جوان شهيد ٿي رهيا آهن، پوليو ٽيم تي حملو افوسناڪ عمل آهي، پوليو ورڪرز کي تحفظ فراهم ڪيو ويندو. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مهانگائي 9 سالن جي گهٽ سطح تي آهي، جنوري ۾ مهانگائيءَ جي سطح ٻه ڏهائي 4 سيڪڙو تائين اچي چڪي آهي، پاڪستان ۽ سعودي جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ معاهدن سان معيشت ۾ بهتري ايندي، ڪنگ سلمان اسپتال لاءِ 4 ڪروڙ ڊالر جي گرانٽ منظوري ڏني آهي.