بيجنگ (انٽرنيشنل ڊيسڪ) چين پنهنجي شين تي نون ٽئڪسن جي جواب ۾ آمريڪي درآمد ٿيندڙ شين تي 10 کان 15 سيڪڙو نوان ٽيرف لاڳو ڪري ڇڏيا آهن جنهن کان پوءِ ٻه وڏيون معيشيتن جي وچ ۾ واپاري جنگ وڌي وئي آهي. ان کان اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ غير قانوني منشيات جي وهڪري کي نه روڪڻ تي چين کي سزا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، خابرو اداري رائيٽرز موجب ڊونلڊ ٽرمپ سومر تي ميڪسيڪو ۽ ڪئناڊا تي 25 سيڪڙو ٽئڪس لاڳو ڪرڻ جي پنهنجي ڌمڪيءَ کي آخري گھڙين ۾ ملتوي ڪيو هو ۽ ٻنهي پاڙيسري ملڪن سان سرحد ۽ ڏوهن ۾ رعايتن جي بدلي ۾ 30 ڏينهن جي وقفي تي راضپو ظاهر ڪيو هو، پر چين کي اهڙي ڪا سهولت نه ڏيندي ٽرمپ طرفان آمريڪا ۾ سمورين چيني درآمد ٿيندڙ شين تي 10 سيڪڙو اضافي ٽيرف رات جو 12 وڳي لاڳو ڪري ڇڏيو. چند ئي منٽن ۾ چين جي خزاني واري وزارت چيو ته هو آمريڪي ڪوئلي ۽ ايل اين جي تي 15 سيڪڙو جڏهن ته ڪچي تيل، زرعي اوزارن ۽ ڪجھه گاڏين تي 10 سيڪڙو ٽئڪس لاڳو ڪندا. چيني وزارت چيو ته آمريڪي برآمد تي نوان ٽئڪس 10 فيبروريءَ تي لاڳو ٿيندا. ٻئي طرف بيجنگ جي اسٽيٽ ايڊمنسٽريشن فار مارڪيٽ ريگوليشن چيو آهي ته آمريڪي ٽيڪنالاجي ڪمپنيءَ تي عوامي جمهوريه چين جي هڪ هٽيءَ جي روڪٿام واري قانون جي ڀڃڪڙيءَ جو شق آهي، قانون موجب گوگل خلاف جاچ شروع ڪئي وئي آهي.