ڪراچي (هيلٿ ڊيسڪ) سموري دنيا ۾ ڪينسر تيزيءَ سان ڦهلجي رهيو آهي، ڦڦڙن جو ڪينسر سڀ کان وڌيڪ ڦهلجندڙ مرض بڻجي ويو آهي. سموري دنيا ۾ جوان ماڻهن جي ڪينسر سبب متاثر ٿيڻ جي انگ ۾ واڌ اچي وئي آهي، مخصوص قسم جي جوانن جي متاثر ٿيڻ جو خطرو 1950ع کان پوءِ لاڳيتو وڌي رهيو آهي. 2024ع ۾ صحت جي عالمي اداري جي هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 2022ع ۾ ڪينسر جا نون ڪيسن جو انگ 2 ڪروڙ جڏهن ته ان سبب موتن جو انگ هڪ ڪرڙو جي ويجھو رهيو. رپورٽ موجب 2022ع ۾ ڪينسر جي 2 ڪروڙ ڪيسن مان 16 سيڪڙو مريض 50 سالن کان گھٽ عمر وارا هئا. رپورٽ موجب 2022ع ۾ سموري دنيا ۾ ڪينسر جي 12.4 سيڪڙو ڪيس ڦڦڙن جي ڪينسر هئي جنهن بعد بريسٽ ڪينسر 11.6 سيڪڙو جڏهن ته ڪلوني ڪينسر 9.6 سيڪڙو ترتيبوار ٻئي ۽ ٽئين نمبر تي رهي. 2023ع ۾ برٽش ميڊيڪل جرنل ۾ ڇپجندڙ هڪ تحقيق موجب پهريان ان مرض کي پوڙهن ماڻهن جو مرض تصوير ڪيو ويندو هو پر 1990ع کان 2019ع دوران 50 سال جي عمر کان گھٽ ماڻهن ۾ ان مرض جي ڦهلاءَ ۾ 79 سيڪڙو اضافو ڏٺو ويو آهي جيڪو ڏينهون ڏينهن تيزيءَ سان وڌندڙ آهي.