تازہ ترین

November 29, 2024

Year : 2025

ڪرم ايجنسي: جنگبنديءَ جون ڪوششون ناڪام، وڌيڪ 12 ڄڻا مارجي ويا

ڪرم (ويب ڊيسڪ) ڪرم ايجنسيءَ ۾ جنگبنديءَ جي معاهدي وسيلي دشمني روڪڻ جون ڪوششون ناڪام ٿيڻ کان پوءِ تازي هٿياربند ويڙهه جي نتيجي ۾ وڌيڪ 12 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 18 ماڻهو زخمي ٿي پيا. گذريل هفتي کان شروع ٿيل رتوڇاڻ جي نتيجي ۾ هن وقت تائين 90 ماڻهو پنهنجون زندگيون وڃائي ويٺا آهن. […]

پاڪستان پاران لبنان ۾ ٿيل جنگبندي واري معاهدي جي آجيان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پاران لبنان ۾ ٿيل جنگبندي واري معاهدي جي آجيان، پرڏيهي ترجمان ممتاز زهريٰ بلوچ چيو آهي ته عالمي برادري اسرائيل کان لبنان ۽ فلسطين ۾ ظلم ۽ نسل ڪشي تي پڇاڻو ڪري، پاڪستان فلسطينين جي حمايت جاري رکندو، پاڪستان فلسطين ۾ غير مشروط جنگبندي جو مطالبو ڪري ٿو،  بيلاروس جي […]

وزيراعلي هائوس ڪي پي ۾ پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي جو اجلاس، ڏند چڪ

پشاور (ويب ڊيسڪ) وزيراعليٰ هائوس ڪي پي ۾ پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي اجلاس جي اندرين ڪهاڻي سامهون اچي وئي، ذريعن موجب اجلاس ۾ پي ٽي آءِ باني جي گهرواري بشريٰ بي بي ۽ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، ڪور ڪميٽي جي ميمبرن […]

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو هنڊريڊ انڊيڪس هڪ ڀيرو ٻيهر مٿانهين تي پهچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو هنڊريڊ انڊيڪس هڪ ڀيرو ٻيهر اوچائي تي پهچي ويو، ڪاروباري هفتي جي پنجين ڏينهن اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ زبردست تيزي جو لاڙو، هنڊريڊ انڊيڪس ۾ 561 پوائنٽس جو اضافو، انڊيڪس هڪ لک 643 پوائنٽس جي سطح تي پهچي ويئي، آمريڪي ڊالر وڌيڪ چار پئسا سستو ٿيڻ بعد 278 رپين […]

ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن سبب 3 ڄڻا فوت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن سبب 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، ملير ڪالا بورڊ ويجھو اڻڄاتل گاڏي جي ٽڪر ۾ نوجوان ڪامران فوت ٿي ويو، راڻيپور ڀرسان سوڀوديرو لنڪ روڊ تي اڻڄاتل گاڏي جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار مهراب شاهاڻي حياتي وڃائي ويٺو، پڊعيدن جي مکيه بازار ۾ نينگر معاويه […]

چيمپيئنز ٽرافي تي آءِ سي سي جو اجلاس اڄ ٿي ٿيندو

لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) چيمپيئنز ٽرافي تي آءِ سي سي جو اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي، ورچوئل گڏجاڻي منجهند ٽين وڳي شروع ٿيندي، چيمپيئنز ٽرافي لاءِ هائبرڊ ماڊل قبول ناهي، پي سي بي آءِ سي سي کي باضابطا جواب ڏئي ڇڏيو، پي سي بي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڀارت سان ميچ ڪنهن ٽئين ملڪ ۾ […]

اسرائيل لبنان ۾ جنگبندي معاهدي کي ٿڏي ڇڏيو، حملن ۾ وڌيڪ 78 لبناني شهيد

بيروت (ويب ڊيسڪ) اسرائيل لبنان ۾ جنگبندي معاهدي کي ٿڏي ڇڏيو، تازن حملن ۾ وڌيڪ 78 لبناني شهري شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 266 زخمي ٿي پيا، پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي فوج ڏکڻ لبنان ۾ حزب الله جي ٺڪاڻن تي حملا جاري رکيا، اسرائيلي فوج ڏکڻ لبنان ۾ رات جي وقت ڪرفيو لاڳو ڪري ڇڏيو، […]

غزه تي اسرائيلي بمباري ۾ وڌيڪ 26 فلسطيني شهيد

غزه (ويب ڊيسڪ) اسرائيل جي غزه ۾ بربريت جاري آهي، تازي بمباري ۾ 26 فلسطيني شهيد ٿي ويا، اسرائيلي فوج ڏکڻ ۽ اتر غزا تي بمباري ڪئي، خان يونس ۾ اسرائيلي ڊرون حملي ۾ 3 ڄڻا شهيد ٿي ويا، اسرائيلي فوج پاران نصيرات ڪئمپ کي به نشانو بڻايو ويو، غزگ ۾ اسرائيلي حملن ۾ هيل […]

سوشل ميڊيا تي ملڪ خلاف سازش ٿي رهي آهي: سرفراز بگٽي

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏو وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي ملڪ خلاف سازش ٿي رهي آهي، رياست خلاف سوشل ميڊيا کي استعمال ڪيو پيو وڃي، پاڪستان آهي ته اسان آهيون، ملڪ بنا ڪو ڪجهه به ناهي، عورتن بنا ڪو سماج ترقي نٿو ڪري سگهي.

توشاخانا ٽو ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ تي فرد جرم جي ڪارروائي هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) توشاخانا ٽو ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي خلاف فرد جرم جي ڪارروائي هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي ڪئي وئي آهي، توشاخانا ٽو ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 3 ڊسمبر تي ٿيندي.

Politics

Politics

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.