تازہ ترین

Dharti TV News

شام ۾ ڦاٿل 318 پاڪستاني شھري خاص اڏام وسيلي وطن واپس پهچي ويا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) شام ۾ ڦاٿل 318 پاڪستاني شھري وطن واپس پهچي ويا، چارٽر جهاز پاڪستاني شهرين کي کڻي اسلام آباد جي انٽرنيشل ايئرپورٽ پهتو، وفاقي وزير احسن اقبال ۽ ٻين شھرين جو اسقبال ڪيو، وزيراعظم شهباز شريف لبناني وزيراعظم کي ڦاٿل پاڪستانين جي مدد لاءِ اپيل ڪئي  هئي، شھرين کي روڊ ذريعي  شام […]

ڪراچي سول اسپتال ۾ ڊاڪٽر تي حملي خلاف ينگ ڊاڪٽرز جو احتجاج

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي سول اسپتال ۾ ڊاڪٽر زهاد تي حملي خلاف ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن جو ايڊمن بلاڪ ٻاهران احتجاج، ڊاڪٽرن بينر کڻي حملي جي مذمت ڪئي، ڊاڪٽرز اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر زهاد تي حملي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ هو او پي ڊي جو بائڪاٽ ڪندا.

اسرائيل جي غزا ۾ بربريت جاري، بمباري ۾ وڌيڪ 71 ‏فلسطيني شهيد

غزا (ويب ڊيسڪ) اسرائيل جي غزا ۾ بربريت جاري، ‏اسرائيلي بمباري ۾ وڌيڪ 71 ‏فلسطيني شهيد ٿي ويا، ‏نصيرات پناهگير ‏ڪئمپ تي اسرائيلي فورسز جي بمباري ۾ ‏عورتن ۽  ٻارڙن ‏سميت 33 ڄڻا ‏شهيد ٿي ويا، ‏غزا جي واحد سرجن ‏ڊاڪٽر سعيد ‏به ڊرون ‏حملي ۾ شهيد ٿي ويو. امدادي ‏ٽرڪن جي حفاظت ‏ڪندڙ 12 […]

آمريڪي ‏پرڏيهي وزير انٽوني ‏بلنڪن جي انقره ۾ ‏ترڪ صدر طيب ‏اردوان سان ملاقات

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ‏پرڏيهي وزير انٽوني ‏بلنڪن جي انقره ۾ ‏ترڪ صدر طيب ‏اردوان سان ملاقات، ‏ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ شام جي بحران کي ‏منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل ‏حڪمت عملي جوڙڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون، ‏ترڪ صدر طيب اردوان پاران اسرائيل ‏طرفان شام جي ‏علائقن تي قبضو ‏ڪرڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي.

گڏيل قومن ‏جي سيڪريٽري ‏جنرل پاران شام ‏تي اسرائيلي حملن ‏تي ڳڻتي ظاهر

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن ‏جي سيڪريٽري ‏جنرل انتونيو ‏گوتريس شام ‏مٿان اسرائيلي حملن ‏تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي آهي، انتونيو گوتريس جو چوڻ آهي ته ‏اسرائيلي حملا شام ‏جي خودمختياري ۽ سلامتي ‏جي ڀڃڪڙي آهن، پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب اسرائيلي جنگي جهازن گذريل 48 ڪلاڪن دوران اسٽريٽجڪ فوجي هدفن تي 500 کان وڌيڪ حملا […]

شام ۾ غير يقيني صورتحال، حڪومت پاران پيٽروليم اسمن جي اگھن ۾ واڌ جون تياريون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت طرفان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جون تياريون شرو ڪيون ويون آهن، ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽرول جي اگهه ۾ 81 پئسا واڌ ۽ ڊيزل 3 رپيا 94 پئسا سستو ٿيڻ جو امڪان آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته شام جي غير يقيني صورتحال سبب پيٽرول مهانگو ۽ ڊيزل […]

سپريم ڪورٽ پاران پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس خلاف درخواستون خارج

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس خلاف درخواستون خارج، سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ درخواستون خارج ڪري ڇڏيون، پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس ختم ٿي چڪو آهي: جسٽس امين الدين خان جا رمارڪس، جسٽس محمد علي مظهر رمارڪس ۾ چيو ته آرڊيننس کانپوءِ پارليامينٽ قانون سازي ڪري ڇڏي، جسٽس جمال مندو خيل چيو ته […]

سنڌ ۾ ڪامورن جون بدليون ۽ مقرريون، نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ ڪامورن جون بدليون ۽ مقرريون، ڪامورن جي بدلين ۽ مقررين جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو، سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ جَي ايم ڊي امتياز علي شاهه کي هٽايو ويو، چارج ايڊيشنل چيف سيڪريٽري خالد حيدر شاهه حوالي، ضمير عباسي کان لينڊ يوٽيلائيزيشن کاتي جي چارج واپس، سليم الله اوڍو هڪ […]

ٻانڌي ۾ ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل، 2 ڄڻا زخمي

ٻانڌي (ويب ڊيسڪ) ٻانڌي ۾ ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿيل رضا محمد جمالي اسپتال نيئندي رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو، زخمي جيئند جمالي ۽ شريف جمالي کي نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو، واقعي خلاف جمالي برادري جي ماڻھن جو […]

سنڌ جي وڏي وزير جو ورلڊ بينڪ جي اعليٰ سطحي وفد سان جاري رٿائن جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير جو ورلڊ بينڪ جي اعليٰ سطحي وفد سان جاري رٿائن جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس، مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته ورلڊ بينڪ جي 3 ارب 12 ڪروڙ ڊالرن جون 13 فعال رٿائون جاري آهن، ورلڊ بينڪ اڃا تائين هڪ ارب 40 ڪروڙ ڊالر جاري ڪيا آهن، […]

Politics

Politics

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.