اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته تعليم هر سماج ۾ بنيادي حق آهي، غريب ملڪن ۾ ڇوڪرين جي تعليم تائين رسائي يقيني بڻائڻي پوندي، ڇوڪرين کي اڄ به تعليم ۾ ڏکيائيون پيش آهن، عورتن کي تعليم جي فراهمي سان ئي سماج ترقي ڪندو آهي، ڇوڪرين کي فني تعليم جي هنر سان مالا مال ڪرڻو پوندو، وزيراعظم شهباز شريف جو مسلم معاشرن ۾ ڇوڪرين جي تعليم، چئلينجز ۽ موقعا جي سري هيٺ ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس کي افتتاحي سيشن کي خطاب، سندس چوڻ هو ته شهيد بينظير ڀٽو اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم هئي، مريم نواز پهرين عورت وزيراعليٰ آهي، بهادري ۽ همت جي علامت ملالا يوسفزئي جي ڪانفرنس ۾ شرڪت فخر جوڳي ڳالهه آهي.