نئون مالي سال سٺي خبر ۽ معاشي ميدان ۾ اهم اڳڀرائي سان شروع ٿيو، ڪاروباري برادري جا ٿورائتا آهيون
اسلام آباد (نيشنل ديسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسٽاڪ مارڪيٽ جو تاريخي بلند ترين سطح تي پهچڻ حڪومت جي پاليسين تي اعتماد جو اظهار آهي.
وزيراعظم شهباز شريف پاران پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي بينچ مارڪ 100 انڊيڪس جي 1 لک 28 هزار واري سطح عبور ڪرڻ تي اطمينان جو اظهار.
سندس چوڻ هو ته نئون مالي سال سٺي خبر ۽ معاشي ميدان ۾ اهم اڳڀرائي سان شروع ٿيو آهي، ڪاروباري برادري جو اعتماد هر گذرندڙ ڏينهن سان وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ٿي رهيو آهي.
وزيراعظم چيو ته نئون مالي سال ملڪ جي معيشت جي بهتري ڏانهن سفر ۾ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو، سيڙپڪارن جا ٿورائتا آهيون، جيڪي ترقي ۽ خوشحالي ۾ حڪومت سان گڏ آهن.
وزيراعظم شهباز شريف جو وڌيڪ چوڻ هو ته حڪومت بهترين ڪاروباري ماحول ۽ وڌيڪ سهولتن جي فراهمي لاءِ ڪوششون وٺي رهي آهي.