تازہ ترین

حضرت امام حسين عليه سلام ۽ سندن وفادار ساٿين کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سموري سڄي ملڪ ۾ عزاداري جاري

ماتمي جلوس، مجلسون ۽ نوحا خواني ذريعي ڪربلا جي شهيدن جِي ياد تازي ڪئي پئي وڃي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪربلا جي رڻ ۾ دين اسلام جي سربلندي لاءِ عظيم قرباني ڏيندڙ حضرت امام حسين عليه السلام ۽ سندن وفادار ساٿين کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ عزاداري جو سلسلو جاري.

ماتمي جلوس، مجلسون ۽ نوحا خواني ذريعي ڪربلا جي شهيدن جِي ياد تازي ڪئي پئي وڃي.

ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، شهيد بينظير آباد، لارڪاڻو ۽ سکر جي ننڍن وڏن شهرن ۾ 5 محرم جي مناسبت سان يا حسين جي صدائن ۾ جلوس برآمد.

سموري سنڌ ۾ سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا، علم، تعزيه ۽ ذوالجناح جا جلوس روايتي رستن تان گذري رهيا آهن.

عالم سڳورن جو چوڻ هو ته امام حسين عليه السلام جي قرباني حق، سچائي ۽ انصاف لاءِ دائمي مثال آهي، جنهن مان انسانيت هميشه لاءِ رهنمائي وٺي سگهي ٿي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.