تازہ ترین

ڪراچي ۾ ميونسپل ڪارپوريشن جي ماتحت پارڪنگ فيس ختم، نوٽيفيڪشن جاري

ڏکڻ ۾ 3، ڪيماڙي ۾ 2، سينٽرل ضلعي ۾ 5 هنڌن تي پارڪنگ جي سهولت مفت هوندي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ميونسپل ڪارپوريشن جي ماتحت پارڪنگ فيس ختم، نوٽيفيڪشن جاري.

ڏکڻ ۾ 3، ڪيماڙي ۾ 2، سينٽرل ضلعي ۾ 5 هنڌن تي پارڪنگ جي سهولت مفت هوندي.

ملير ۽ ڪورنگي ۾ 7 ۽ اوڀر ضلعي ۾ 15 هنڌن تي پارڪنگ جي سهولت مفت ڪئي وئي.

نوٽيفڪيشن موجب جيلاني سينٽر موبائل مارڪيٽ صدر ۾ پارڪنگ مفت هوندي، ناز پلازا کان آمنه ٽاور ايم اي جناح روڊ تائين پارڪنگ مفت ٿي وئي.

ڪوثر ميڊيڪو کان ايم ڊبليو ٽاور ايم اي جناح روڊ تائين پارڪنگ فيس نه اوڳاڙي ويندي.

شارجه مال کان ڪوهنور هال حب ريور روڊ تائين پارڪنگ مفت هوندي، ڪي پي ٽي گيٽ نمبر 1 کان شيل پمپ ايم اي جناح روڊ تائين پارڪنگ مفت هوندي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.