تازہ ترین

پاڪستان سلامتي ڪائونسل جي صدارت سنڀالي ورتي

عالمي ذميواري نوڙت ۽ عزم سان ادا ڪري رهيا آهيون: اسحاق ڊار

نيويارڪ (انٽرنيشنل ڊيسڪ) پاڪستان سلامتي ڪائونسل جي صدارت سنڀالي ورتي.

نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته عالمي ذميواري نوڙت ۽ عزم سان ادا ڪري رهيا آهيون.

سلامتي ڪائونسل کي اثرائتي، بامقصد ۽ وقت سر فيصلن ڏانهن آڻينداسين، سموري دنيا ۾ تڪرارن ۽ انساني بحرانن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.

گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانون تي پختو يقين رکون ٿا، ٻن اعليٰ سطحي اجلاسن جي صدارت ڪندس.

پهريون اجلاس امن ۽ سلامتي، گهڻ رخي ۽ پرامن تڪرارن جي حل تي ٿيندو، ٻيو اجلاس گڏيل قومن ۽ او آءِ سي وچ ۾ سهڪار تي ٻڌل هوندو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.