ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ گورنر پنجاب سردار سليم حيدر ۽ صوبائي وزير علي حسن زرداري جِي ايم پي اي ممتاز چانگ جي گهر آمد، ٻنهي اڳواڻن ۾ ملاقات دوران سنڌ ۽ پنجاب جي سياسي ۽ تنظيمي صورتحال بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي جي وچ ۾ لاڳاپن جي حوالي سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.