واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) نئون چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ بزنس رڪارڊ جي جعلسازي واري ڪيس ۾ ڏوهاري هئڻ باوجود جيل وڃڻ کان بچي ويو، نيويارڪ عدالت ڏنڊ به نه لڳايو، عهدو سنڀالڻ کان ڏهه ڏينهن پهرين کيس وڏو رليف ڏنو ويو. ڊونلڊ ٽرمپ تي بزنس رڪارڊ جي جعلسازي واري ڪيس ۾ڏوهه ثابت ٿيو پر عدالت کيس ڏوهاري هئڻ باوجود جيل وڃڻ کان بچائي ورتو ۽ مٿس ڪو ڏنڊ به لاڳو نه ڪيو ويو.