ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بلاول ڀٽو زرداريءَ وفاقي سرڪار کان تڪراري منصوبن تي اسٽيڪ هولڊرز کي اعتماد ۾ وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، پ پ چيئرمين جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت ڪالاباغ ڊيم جيان تڪراري منصوبا نه ٺاهي، تڪراري منصوبا شروع ڪرڻ بدران اسٽيڪ هولڊرز کي اعتماد ۾ ورتو وڃي، زبردستي راءِ مڙهڻ سان سياسي عدم استحڪام ۽ معيشت تي ناڪاري اثر پوندا، پيپلزپارٽي زراعت کي معيشت لاءِ ڪرنگهي جي هڏي سمجهي ٿي، هو سنڌ کي سرسبز بڻائڻ واري منصوبي ۾ ڪاميابي جا خواهشمند آهن.