تازہ ترین

شادي هال ۾ مائٽن جي جھيڙي بعد ڀارتي جوڙي ٿاڻي ۾ شادي رچائي ورتي

سورت (انٽريسٽنگ ڊيسڪ) ڀارت ۾ هڪ نرالو واقعو پيش آيو آهي جتي شادي هال ۾ مائٽن جي پاڻ ۾ جھيڙي ٿيڻ کان پوءِ جوڙي ڀڄي وڃي ٿاڻي ۾ شادي ڪري ورتي. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب سورت شهر ۾ هڪ جوڙي جي شاديءَ جي شروعات ته شادي حال ۾ ٿي پر ان جي پڄاڻي پوليس ٿاڻي تي ٿي. شادي هال ۾ جوڙي جي شاديءَ جون سموريون رسمون مڪمل ٿي ويون پر صرف ڳچيءَ ۾ هار وجھڻ باقي هو ته شاديءَ کي اوچتو روڪيو ويو. شاديءَ کي گھوٽ جي گھر وارن پاران شادي هال ۾ ڄاڃين جي لاءِ ڪيل دعوت جي اهتمام ۾ کاڌو کُٽڻ جي سبب تي روڪرايو ويو. سورت ڊپٽي ڪمشنر موجب ٻنهي خاندانن ۾ کاڌي جي کوٽ تي جھيڙو شروع ٿيو، جنهن بعد جھيڙو وڌندو وڌندو اتي پهتو ته گھوٽ جي مائٽن شاديءَ جون باقي رسمون ادا ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن تي گھوٽ ۽ ڪنوار پنهنجي خاندان وارن جي رويي سبب پريشان ٿي ويا ۽ هنن پوليس سان رابطو ڪري ورتو. ڊي سي موجب ڪنوار جو چوڻ هو ته گھوٽ شاديءَ جي لاءِ تيار آهي پر ان جا مائٽ انڪاري آهن، ان سموري معاملي کان پوءِ ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ گھوٽ ڪنوار سميت سندن مٽن مائٽن کي پوليس اسٽيشن سڏايو ويو، پوليس جي مداخلت کان پوءِ گھوٽ جي خاندان شاديءَ کي مڪمل ڪرڻ تي راضپو ڏيکاريو، پر ڪنوار جو چوڻ هو ته گھوٽ جا مائٽ شادي هال ۾ واپس موٽڻ کان پوءِ ٻيهر جھيڙو شروع ڪندا، ان لاءِ سندن شاديءَ جون رهيل رسمون ٿاڻي تي ئي ادا ڪيون وڃن، جنهن بعد پوليس جوڙي جون باقي رسمون ٿاڻي ۾ مڪمل ڪرائي کين شادي هال موڪليو ۽ سندن مائٽن کي جھيڙي کان پرهيز ڪرڻ جي تبيهه پڻ ڪئي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.