تازہ ترین

دنيا ترڪ ڪندڙ ممتا ڪلڪرنيءَ جو اعتراض جوڳي فوٽو شوٽ تي موقف

ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ماضيءَ جي سپرهٽ اداڪارا ۽ تازو ئي دنيا ترڪ ڪري سنياس وٺندڙ ممتا ڪلڪرنيءَ پنهنجي اعتراض جوڳي فوٽو شوٽ تي چپ چوريا آهن. 90ع جي ڏهائيءَ ۾ بالي ووڊ تي ڇانيل رهندڙ ممتا ڪلڪرنيءَ تازو ئي ان وقت خبرن جي زينت بڻي جڏهن هوءَ وڏو عرصو پرڏيهه ۾ رهڻ کان پوءِ واپس ڏيهه وري، ان کان پوءِ هن سنياس ورتو ۽ سرخين جي زينت بڻجي وئي. اداڪارا پنهنجي ٿورڙي ڪيريئر دوران ڪيترن ئي تڪرارن جو شڪار پڻ رهي، جنهن ۾ بولڊ فوٽو شوٽس کان وٺي منشيات فروشن ۽ انڊر ورلڊ سان مبينا لاڳاپا پڻ شامل آهن. تازو ئي اداڪارا رجت شرما سان ”آپ ڪي عدالت“ ۾ شرڪت ڪئي، جتي اداڪارا لاڳاپيل فوٽو شوٽ بابت چيو ته مان ان وقت نائين جماعت جي شاگردياڻي هيس ۽ مون کي هالي ووڊ اداڪارا ڊيمي مور جي تصوير  ڏيکاري وئي جيڪا مون کي نامناسب نه لڳي. اداڪارا وڌيڪ چيو ته ان وقت مان ڪنواري هيس ۽ اها ڳالهه شايد گھڻن ماڻهن کي هضم نه ٿئي. سندس چوڻ هو ته گھڻن ماڻهن جو خيال آهي ته نوان اداڪار بالي ووڊ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪجھه به ڪري سگھن ٿا، هن مڃيو ته ڪجھه ماڻهو پئسن لاءِ اهو رستو اختيار ڪن ٿا پر مون ايئن نه ڪيو. مون کي ان وقت گھڻي سمجھه نه هئي ان لاءِ مان سمجھي نه سگھيس ته عريانپ ڇا ٿيندي آهي، جيڪڏهن توهان جنسي طور گھڻو آگاهه نه هجو ته توهان ان کي عريانيت يا فحاشيءَ سان جوڙي نٿا سگھو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.