تازہ ترین

پي سي بيءَ مردن جي ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ عورت مئنيجر مقرر ڪري ڇڏي

لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاران حنا منور کي مردن جي ڪرڪيٽ ٽيم جي پهرين عورت مئنيجر مقرر ڪيو ويو آهي. پي سي بيءَ چيمپئنز ٽرافيءَ کان اڳ اهو تاريخي قدم کڻندي عورت ڪرڪيٽ ٽيم جي لاءِ مقرر چيف سيڪيورٽي آفيسر حنا منور کي پاڪستان جي مردن واري ڪرڪيٽ ٽيم جو مئنيجر مقرر ڪيو آهي. حنا منور 19 فيبروريءَ کان اڳ شروع ٿيندڙ چيمپئنز ٽرافي دوران آپريشنز مئنيجر جا فرض انجام ڏيندي جڏهن ته هوءَ 8 فيبروريءَ کان شروع ٿيندڙ ٽه ملڪي سيريز دوران ٽيم جي نگراني به ڪندي. ياد رهي ته حنا منور جو تعلق پوليس گروپ سان آهي ۽ ان جي مقرري 2 سال اڳ ڪئي وئي هئي، گذريل سال حنا منور کي ايشيا ڪپ لاءِ ويندڙ پاڪستاني وينز انڊر 19 اسڪواڊ جو مئنيجر به نامزد ڪيو ويو هو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.