تازہ ترین

صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پائيدار ترقي ۽ گڏيل خوشحالي کي يقيني بڻائڻ لاءِ اوڀر قومن جي گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي

صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پائيدار ترقي ۽ گڏيل خوشحالي کي يقيني بڻائڻ لاءِ اوڀر قومن جي گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي.

بيجنگ ۾ چائنا انٽرنيشنل ڊولپمينٽ ڪوآپريشن ايجنسي پاران منعقد ڪيل  گڏيل ترقي  جي فورم  جي ٻي  اعليٰ سطحي اجلاس کي ورچوئل خطاب  ڪندي صدر آصف علي  زرداري چيو ته  گلوبل  ڊولپمينٽ  انيشٽو  ۾ گڏيل  ترقي کي هٿي ڏئي دنيا جي مستقبل  کي ترتيب ڏيڻ جي  وڏي صلاحيت آهي.

هن چيو ته ترقي پذير ملڪن کي عالمي ترقي جي عمل ۾ قيادت جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، پائيدار ترقي ۽ صحت جهڙن عالمي چئلينجز کي اوڀر  جي  نقطه نظر کان ڏسڻ جي ضرورت آهي.

آصف زرداري چيو ته دنيا جي اڪثر آبادي اوڀر  ملڪن خاص ڪري چين، پاڪستان ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن ۾ رهي ٿي،پاڪستان   صدر شي جن پنگ  ۽ چين طرفان  اوڀر ملڪن  ۽ پوري دنيا  جي قيادت ۾ 21 هين صدي  ۾ اڳتي  وڌڻ جو خواهشمند آهي . صدر وڌيڪ چيو ته چين جي گلوبل ڊولپمينٽ انيشيٽو جو مقصد پائيدار ترقي جي ايجنڊا تي عملدرآمد کي تيز ڪرڻ آهي، پاڪستان ۽ چين گلوبل ڊولپمينٽ انيشيٽو تي عملدرآمد جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪري چڪا آهن

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.