تازہ ترین

April 15, 2025

Year : 2025

ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ گرمي جي شدت ۾ واڌ

جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، دادو، سکر، خيرپور ۽ نوابشاهه ۾ گرمي پد 45 ڊگري سينٽي گريڊ کان وڌي چڪو ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ گرمي جي شدت ۾ واڌ، وچولا ۽ مٿانهين وارا علائقا گرمي جي ورچڙهي ويا. موسميات کاتي موجب جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، دادو، سکر، خيرپور ۽ نوابشاهه ۾ گرمي […]

سنڌ حڪومت پاڻي ورڇ تي پنجاب حڪومت جو ارسا کي لکيل خط رد ڪري ڇڏيو

سنڌ پنجاب حڪومت جي ارسا کي لکيل خط کي رد ٿي ڪري،91ع واري پاڻي ٺاهه تحت سنڌ کي پاڻي ڏنو وڃي: مطالبو ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت پاڻي ورڇ تي پنجاب حڪومت جو ارسا کي لکيل خط رد ڪري ڇڏيو. سنڌ جي آبپاشي وزير ڄام خان شورو پنجاب حڪومت جي ارسا کي لکيل خط تي […]

احسان لغاري پاران پنجاب جي سنڌ کي حصي کان وڌيڪ پاڻي ڏيڻ وارو الزام رد

پنجاب چشما جهلم لنڪ ڪئنال ۽ ٽي پي ڪئنال ۾ پاڻي وهائڻ لاءِ اثر انداز ٿيڻ چاهي ٿو: ارسا ۾ سنڌ جو نمائندو ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ارسا ۾ سنڌ جي نمائندي احسان لغاري پنجاب پاران سنڌ کي حصي کان وڌيڪ پاڻي ڏيڻ وارن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو. احسان لغاري ڌرتي ٽي ويءَ جي پروگرام […]

پنجاب حڪومت جو ارسا کي خط، سنڌ کي وڌيڪ پاڻي ڏيڻ جو الزام لڳائي ڇڏيو

سنڌ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي زيان پئي ڪري، پنجاب کي تونسا، پنجند  ۽ چشما جهلم لنڪ ڪئنال کولڻ نه ٿو ڏنو وڃي: خط جو متن لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت ارسا کي خط لکي چيو آهي ته سنڌ کي اضافي پاڻي ڏنو پيو وڃي، جنهن سبب پنجاب جي هارين ۾ خدشا پيدا ٿي رهيا […]

ڪراچي: ڪورنگي ڪريڪ ۾ لڳل باهه 18 ڏينهن کان پوءِ اوچتو وسامي وئي

انتظاميه ڪورنگي ڪريڪ ۾ نامعلوم گئس سبب لڳل باهه تي ڪيترن ئي ڏينهن کان ضابطو آڻڻ لاءِ ڪوششون ڪندي رهي هئي ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ڪورنگي ڪريڪ ۾ لڳل باهه 18 ڏينهن کان پوءِ اوچتو پنهنجو پاڻ وسامي وئي. انتظاميه ڪورنگي ڪريڪ ۾ نامعلوم گئس سبب لڳل باهه تي ڪيترن ئي ڏينهن کان ضابطو […]

ٽرمپ انتظاميا جا مطالبا تسليم ڪرڻ کان انڪار، هارورڊ يونيورسٽي جي وفاقي امداد منجمد

ٽرمپ انتظاميا يونيورسٽي کي خط لکي يونيورسٽي ۾ شاگردن ۽ فيڪلٽي جي اختيارن کي گهٽائڻ جو مطالبو ڪيو واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) ٽرمپ انتظاميا جا مطالبا تسليم ڪرڻ کان انڪار، هارورڊ يونيورسٽي جِي وفاقي امداد منجمد. ٽرمپ انتظاميا يونيورسٽي کي هڪ خط لکي ٻين مطالبن سان گڏ يونيورسٽي ۾ شاگردن ۽ فيڪلٽي جي اختيارن کي گهٽائڻ […]

گمبٽ: پراڻي تڪرار تان ھٿيابندن جو گھر تي حملو، فائرنگ ۾ عورت سميت 3 ڄڻا قتل،2 نينگريون زخمي

ڳوٺ پنهل ڪورائي ۾ جوابدارن جي فائرنگ ۾ نادر ڪورائي، لعل بخش ڪورائي ۽ زبيده ڪورائي مارجي ويا گمبٽ (ويب ڊيسڪ) گمبٽ ويجھو پراڻي تڪرار تان ھٿيابندن جو گھر تي حملو، فائرنگ ۾ عورت سميت 3 ڄڻا قتل،2 نينگريون زخمي. ڳوٺ پنهل خان ڪورائي ۾ جوابدارن جي فائرنگ ۾ نادرڪورائي، لعل بخش عرف فياض ڪورائي […]

حيدرآباد پوليس جي غوثپور جي جمال ٿاڻي جي حد ۾ ڪارروائي، فائرنگ، نوجوان مارجي ويو، احتجاج

حيدرآباد پوليس جي فائرنگ دوران گوليون لڳڻ سبب ڳوٺ جمال جو رھواسي رفيق احمد شيخ مارجي ويو حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد پوليس جي غوثپور جي جمال ٿاڻي جي حد ۾ ڪارروائي، فائرنگ دوران گوليون لڳڻ سبب ڳوٺ جمال جو رھواسي رفيق احمد شيخ مارجي ويو. فوتي جي وارثن جو چوڻ آهي ته حيدرآباد پوليس گهرن […]

ڪرمپور ۾ چولياڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي ڪارنهن تڪرار تان جهيڙو، نوجوان قتل، هڪ زخمي

گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ فقير محمد چولياڻي ۽ سندس پٽ بهرام چولياڻي زخمي ٿي پيا، بهرام چولياڻي اسپتال ۾ دم ڏنو ڪرمپور (ويب ڊيسڪ) ڪرمپور ويجهو ڳوٺ نصرالله بجاراڻي ۾ چولياڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي ڪارنهن تڪرار تان جهيڙو، نوجوان قتل، هڪ ڄڻو زخمي. گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ فقير محمد چولياڻي […]

ڪراچي: لانڍي ۾ برف ڪارخاني اندر ڌماڪي ۾ فوت ٿيل 2 پورهيتن جي پڊعيدن واسي طور سڃاڻپ

فوتي رميز راڄپر جو تعلق پڊعيدن جي ڳوٺ نيباھو راڄپر سان ۽ محمد بخش راڄپر جو واسطو ڳوٺ مراد راڄپر سان آهي ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي لانڍي ۾ برف ڪارخاني اندر ڌماڪي ۾ فوت ٿيل ٻن پورهيتن جي پڊعيدن واسي طور سڃاڻپ ٿي. فوتي رميز راڄپر جو تعلق پڊعيدن جي ڳوٺ نيباھو راڄپر […]

Politics

Politics

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.