پنجاب چشما جهلم لنڪ ڪئنال ۽ ٽي پي ڪئنال ۾ پاڻي وهائڻ لاءِ اثر انداز ٿيڻ چاهي ٿو: ارسا ۾ سنڌ جو نمائندو
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ارسا ۾ سنڌ جي نمائندي احسان لغاري پنجاب پاران سنڌ کي حصي کان وڌيڪ پاڻي ڏيڻ وارن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو.
احسان لغاري ڌرتي ٽي ويءَ جي پروگرام نيوز ٽاڪ وٿ نصير گوپانگ ۾ ڳالهائيندي چيو ته پنجاب چشما جهلم لنڪ ڪئنال ۽ ٽي پي ڪئنال ۾ پاڻي وهائڻ لاءِ اثر انداز ٿيڻ چاهي ٿو، ان ڪري اهڙا خط لکيا پيا وڃن.
احسان لغاريءَ جو وڌيڪ چوڻ هو ته 16 تاريخ تي ارسا جو اجلاس آهي، جنهن ۾ پنجاب کي ان جي خط جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو.