ڳوٺ پنهل ڪورائي ۾ جوابدارن جي فائرنگ ۾ نادر ڪورائي، لعل بخش ڪورائي ۽ زبيده ڪورائي مارجي ويا
گمبٽ (ويب ڊيسڪ) گمبٽ ويجھو پراڻي تڪرار تان ھٿيابندن جو گھر تي حملو، فائرنگ ۾ عورت سميت 3 ڄڻا قتل،2 نينگريون زخمي.
ڳوٺ پنهل خان ڪورائي ۾ جوابدارن جي فائرنگ ۾ نادرڪورائي، لعل بخش عرف فياض ڪورائي سميت عورت زبيده ڪورائي مارجي وئي،
جوابدارن جي انڌاڌنڌ فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نينگريون فائزه علي ۽ رحيمان کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آھي ته قتل ڪندڙ ڌاڙيل بچل عرف بچو ڪورائي ڳوٺاڻن جي گھيراءَ کان پوءِ راڪيٽ لانچر فائر ڪيا.