تازہ ترین

سنڌ حڪومت پاڻي ورڇ تي پنجاب حڪومت جو ارسا کي لکيل خط رد ڪري ڇڏيو

سنڌ پنجاب حڪومت جي ارسا کي لکيل خط کي رد ٿي ڪري،91ع واري پاڻي ٺاهه تحت سنڌ کي پاڻي ڏنو وڃي: مطالبو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت پاڻي ورڇ تي پنجاب حڪومت جو ارسا کي لکيل خط رد ڪري ڇڏيو.

سنڌ جي آبپاشي وزير ڄام خان شورو پنجاب حڪومت جي ارسا کي لکيل خط تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت پنجاب حڪومت جي ارسا کي لکيل خط کي رد ڪري ٿي.

آبپاشي واري صوبائي وزير ڄام خان شورو جو چوڻ هو ته 1991ع واري  پاڻي معاهدي تحت سنڌ کي پاڻي جو حصو ڏنو وڃي.

اپريل جي 10 ڏينهن ۾ سنڌ جي ڪئنالن کي 62 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، سنڌ جا آبادگار پريشان آهن.

پنجاب جي ڪئنالن ۾ 54 سيڪڙو پاڻي کوٽ رهي،91ع واري ٺاهه تحت سڀني صوبن کي برابر کوٽ برداشت ڪرڻي پوندي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.