انتظاميه ڪورنگي ڪريڪ ۾ نامعلوم گئس سبب لڳل باهه تي ڪيترن ئي ڏينهن کان ضابطو آڻڻ لاءِ ڪوششون ڪندي رهي هئي
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ڪورنگي ڪريڪ ۾ لڳل باهه 18 ڏينهن کان پوءِ اوچتو پنهنجو پاڻ وسامي وئي.
انتظاميه ڪورنگي ڪريڪ ۾ نامعلوم گئس سبب لڳل باهه تي ڪيترن ئي ڏينهن کان ضابطو آڻڻ لاءِ ڪوششون ڪندي رهي هئي.
صبح سوا ڇهين وڳي ڪيتري ئي عرصي کان ٻرندڙ باهه پاڻمرادو وسامي وئي، جڏهن ته اڃا پاڻي اٻرڻ بند نه ٿيو آهي.