تازہ ترین

November 26, 2024

Year : 2025

پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻائڻ دهشتگردي آهي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته امن امان جي قيام لاءِ موجود پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻائڻ دهشتگردي آهي، اسلام آباد ۾ رينجرز ۽ پوليس اهلڪارن جي شهادت ۾ ملوث جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، هُن چيو ته ڊيوٽي دوران شهادت ماڻيندڙ قوم جا […]

نئين ڪوٽ ۾ بيروزگاريءَ نوجوان حياتي کسي ورتي

نئون ڪوٽ (ويب ڊيسڪ) نئين ڪوٽ ۾ بيروزگاري کان تنگ اڌڙوٽ شخص ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، ميمڻ ٽالهي واري علائقي جي رهواسي پرتاب ڪولهي پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، وارثن موجب پرتاب بيروزگاريءَ کان تنگ ٿي اهڙو انتهائي قد م کنيو آهي.

وفاق پاران اسلام آباد ۾ فوج طلب، ڏڦيڙين کي ڏسندي ئي گولي هڻڻ جو حڪم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت پاران اسلام آباد ۾ پاڪ فوج کي طلب ڪيو ويو آهي، شرپسندن کي ڏسندي ئي گولي هڻڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو، سڪيورٽي ذريعن موجب آرٽيڪل 245 تحت اسلام آباد ۾ پاڪ فوج کي طلب ڪيو ويو، سڪيورٽي ادارن کي ڏڦيڙ پکيڙيندڙن کي موقعي تي گولي هڻڻ جا واضح […]

اسلام آباد: سرينگر هاءِ وي تي شرپسندن رينجرز اھلڪارن تي گاڏي چاڙهي ڇڏي، 4 اهلڪار شهيد، 5 زخمي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ سري نگر هاءِ وي تي شرپسندن رينجرز اھلڪارن مٿان گاڏي چاڙهي ڇڏي، 4 اهلڪار شهيد، 5 زخمي، سڪيورٽي ذريعن موجب سري نگر هاءِ وي تي شرپسندن رينجرز اھلڪارن مٿان گاڏي چاڙهي ڇڏي، واقعي ۾ 4 اهلڪار شهيد ٿي ويا، 4 رينجرز ۽ هڪ پوليس اهلڪار زخمي، اسپتال منتقل، […]

وزيراعظم پاران رينجرز ۽ پوليس تي احتجاج ڪندڙن جي حملن جي سخت مذمت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف رينجرز ۽ پوليس تي احتجاج ڪندڙن جي حملي جي مذمت ڪئي وئي آهي، واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي نشاندهي ڪري سزا ڏيارڻ جي هدايت، وزيراعظم جو چوڻ آهي ته هٿ ٺوڪئي احتجاج جي آڙ ۾ پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن تي حملا مذمت جوڳو عمل آهي، هي احتجاج نه […]

اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ تعليمي ادارا اڄ به بند، ڪاروبارين جا هٿ مٿي تي اچي ويا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ تعليمي ادارا اڄ به بند پيل، مري انتظاميا جو به تعليمي ادارا بند رکڻ جو اعلان، اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ ميٽرو بس سروس سميت پبلڪ ٽرانسپورٽ معطل ٿيل آهي، رستا بند هجڻ سبب جاڙن شهرن ۾ پيٽروليم شين جي کوٽ جو خدشو پيدا ٿي ويو […]

پي ٽي آءِ جا قافلا اسلام آباد ۾ داخل، حڪومت جون تياريون به مڪمل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جو احتجاجي قافلو اسلام آباد ۾ پهچي ويو، بشريٰ بي بي جي اڳواڻيءَ ۾ مک قافلو جِي 11 پهچي ويو، علي امين گنڊاپور جو قافلو به ريڊ زون ڏانهن روانو، چورنگي نمبر 26 تي چئن ضلعن جي پوليس مظاهرين کي روڪڻ لاءِ تيار بيٺل، اسلام آباد، راولپنڊي، اٽڪ […]

مظاهرين کي اپيل ڪئي آهي ته هو پرامن احتجاج ڪن ۽ تشدد کان پاسو ڪن: آمريڪي ترجمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي کاتي جو ترجمان ميٿيو ملر چيو آهي ته مظاهرين کي اپيل ڪئي آهي ته هو پرامن احتجاج ڪن ۽ تشدد کان پاسو ڪن، امن امان برقرار رکندي پاڪستاني قانون ۽ آئين جي احترام کي يقيني بڻايو وڃي. آمريڪي پرڏيهي کاتي جو ترجمان ميٿيو ملر جو چوڻ هو ته پاڪستاني […]

سکر پوليس سان مقابلي ۾ 2 ڌاڙيل مارجي ويا

سکر (ويب ڊيسڪ) سکر پوليس سان مقابلي ۾ 2 ڌاڙيل مارجي ويا، پوليس جو چوڻ آھي ته جاگير موڙ وٽ ھٿياربندن سڌي فائرنگ ڪري ڏني ته جوابي ڪارروائي ۾ 2 ڌاڙيل مارجي ويا، ڏوھارين وٽان پئسن سان ڀريل بيگ به ھٿ آيو آھي، ڳڙهي حسن ڀرسان پوليس طرفان مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري کي مارڻ جي […]

روهڙي: جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار  تان نوجوان قتل

روهڙي (ويب ڊيسڪ) روهڙي لڳ جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار  ۾ ٺاپر نه آئي، فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو، هڪ ٻئي مٿان سڌي فائرنگ ۾ گولي لڳڻ سبب عبدالطيف جاگيراڻي قتل ٿي ويو، جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار ۾ ڪجهه مهينن اندر 6 ڄڻا مارجي چڪا آهن. […]

Politics

Politics

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.