تازہ ترین

October 28, 2024

Year : 2025

سينيٽ جو اجلاس اڄ شام شروع ٿيندو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) سينيٽ جو اجلاس اڄ شام چئين وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ ٿي رهيو اهي، 5 نقاطي ايجنڊا جاري ڪئي وئي آهي، سينيٽ جو خصوصي اجلاس پاڪستان ۽ روسي فيڊريشن جي قومي ترانن سان شروع ڪيو ويندو. سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني خصوصي اجلاس کي شروعاتي خطاب ڪندو.

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچ گيري ڪرسٽن استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان وائيٽ بال ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ گيري ڪرسٽن استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، پي سي بيءَ سان اختلافن کانپوءِ گيري ڪرسٽن عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، گيري ڪرسٽن جي استعيفيٰ کانپوءِ نئين ڪوچ جي مقرري تي مشاورت جاري آهي، اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر عاقب جاويد کي وائيٽ بال ٽيم […]

پي ٽي آءِ بانيءَ خلاف 190ملين پائونڊ ڪيس جي ٻڌڻي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ بانيءَ خلاف 190ملين پائونڊ ڪيس جي ٻڌڻي 25 ڏينهن  کانپوءِ اڄ اڍيالا جيل ۾ ٿي رهي آهي، احتساب عدالت جو جج ناصر جاويد راڻا اڍيالا جيل ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندو، پي ٽي آءِ باني کي عدالت جي ڪمري ۾ پيش ڪيو ويندو.

دولت جي غيرمنصفاڻي ورڇ انصاف جي رستي ۾ رنڊڪ آهي: سينيٽر شيرين رحمان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سينيٽر شيرين رحمان چيو آهي ته دولت جي غير منصفاڻي ورڇ انصاف جي رستي ۾ رنڊڪ آهي، موسمياتي تبديلي جي اثرن کي سنجيدهه وٺڻو پوندو، هڪ تقريب کي خطاب ڪندي سندس چوڻ هو ته فلسطين ۽ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون ٿين پيون، […]

نئين چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ فل ڪورٽ اجلاس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس يحيٰ آفريديءَ جي صدارت هيٺ سپريم ڪورٽ ۾ فل ڪورٽ اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي، فل ڪورٽ اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جا ججز شرڪت ڪري رهيا آهن، اجلاس ۾ اهم انتظامي فيصلن جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته فل ڪورٽ اجلاس ۾ عدالتي سڌارن تي به ويچاريو […]

Politics

Politics

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.