آءِ ايم ايف کي آگاهه ڪيو آهي ته پاڪستان جي زراعت سخت دٻاءُ هيٺ آهي: وزيراعظم
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آءِ ايم ايف تي واضح ڪيو آهي ته زراعت تي ٽيڪس لاڳو ٿيڻ نه ڏينداسين.
وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته آءِ ايم ايف کي آگاهه ڪيو آهي ته پاڪستان جي زراعت سخت دٻاءُ هيٺ آهي.
ان ڪري زراعت تي ٽيڪس نه لڳايو ويندو، آءِ ايم ايف زراعت تي ٽيڪس بابت پاڪستان جي موقف کي مڃي ورتو آهي.