فيلڊ مارشل آمريڪي صدر جي دعوت تي ساڻس ملاقات لاءِ وائيٽ هائوس پهتو هو
واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات.
فيلڊ مارشل آمريڪي صدر جي دعوت تي ساڻس ملاقات لاءِ وائيٽ هائوس پهتو هو.
آمريڪي صدر ٽرمپ ڪيبنٽ روم ۾ فيلڊ مارشل کي آجياڻو ڏنو، ملاقات ۾ پاڪستان جي نيشنل سيڪيورٽي ايڊوائيزر جنرل عاصم ملڪ، گهرو وزير محسن نقوي، آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو ۽ وچ اوڀر بابت خصوصي نمائندي اسٽيوو ٽڪوف پڻ موجود هئا.
پاڪ-ڀارت جنگ دوران نتيجو ڏيندڙ ڪردار ادا ڪرڻ تي فيلڊ مارشل صدر ٽرمپ جا ٿورا مڃيا، سيد عاصم منير ۽ ڊونلڊ ٽرمپ وچ ۾ ايران-اسرائيل جنگ تي به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي.
ذريعن موجب صدر ٽرمپ گڏيل مفادن تي ٻڌل واپاري معاهدي جي خواهشن جو اظهار ڪيو.
ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته صدر ٽرمپ دشتگرديءُ جي خاتمي، معاشي، واپاري، مائينز اينڊ منرلز ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ سهڪار تي اتفاق ڪيو.