اسرائيل جي سلامتي سان گڏ ايراني مفادن کي به يقيني بڻائڻو پوندو: روسي صدر جو بيان
ماسڪو (انٽرنيشنل ڊيسڪ) روسي صدر ولاديمير پيوٽن چيو آهي ته جوهري توانائي ۾ ايراني مفادن کي يقيني بڻائي سگھجي ٿو.
روسي صدر پيوٽن بيان جاري ڪندي چيو ته ايران جي معاملي تي اسرائيل ۽ ڊونلڊ ٽرمپ سان رابطي ۾ آهيان.
اسرائيل جي سلامتي سان گڏ ايراني مفادن کي به يقيني بڻائڻو پوندو، پهرين ڳالهه اها ته ايران ۽ اسرائيل کي فيصلو ڪرڻ گهرجي.
200 کان وڌيڪ روسي جوهري ماهر پاور پلانٽ جا ٻه يونٽ ٺاهڻ لاءِ ايران ۾ آهن، اسرائيل طرفان روسي جوهري ماهرن کي نقصان نه پهچائڻ جي يقين ڏياريو.