خيابان اتحاد ۾ نوجوان تي تشدد ڪندڙ سلمان فاروقي کي گرفتار ڪيو ويو آهي: ڊي آءِ جي ڏکڻ
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ نوجوان تي تشدد ڪندڙ مک جوابدار سلمان فاروقي گرفتار ٿي ويو.
ڊي آءِ جي ڏکڻ جو چوڻ آهي ته ڪراچيءَ جي علائقي خيابان اتحاد ۾ اسڪوٽر سوار نوجوان تي تشدد ڪندڙ سلمان فاروقي کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
جوابدار کي گرفتار ڪري گزري ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو، گذريل رات بااثر سلمان فاروقي نوجوان تي کي تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايو هو
جوابدار نوجوان کي ڀينرن جي سامهون تشدد جو نشانو بڻايو هو، نوجوان جي ڀينرن جي منٿن ۽ ٻانهن ٻڌڻ بعد به مٿس تشدد ڪندو رهيو هو.