بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي ٻوڏ متاثرن کي گهر ٺهرائي ڏنا، غريب عورتن جو ڊيٽا گڏ ڪئي
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي ۾ عوام جي سهولت لاءِ بس سروس شروع ڪئي.
بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي ٻوڏ متاثرن کي گهر ٺهرائي ڏنا، سموري ملڪ ۾ غريب عورتن جو ڊيٽا گڏ ڪيو ويو.
تقريب کي خطاب ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته ٻوڏ دوران 21 لک گهر تباهه ٿيا، پ پ چيئرمين جي هدايت تي ماڻهن کي مفت گهر ٺهرائي ڏنا.
شرجيل ميمڻ چيو ته گهر عورتن جي نالي تي ڪيا ويا، پيپلز پارٽي عورتن کي بااختيار بڻائڻ تي يقين رکي ٿي، عورتن جي سهولت لاءِ پنڪ اسڪوٽيز فراهم ڪري رهيا آهيون.
سنڌ حڪومت عورتن لاءِ پنڪ بس سروس جي شروعات ڪئي، سنڌ ۾ پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ کي هٿي ڏئي رهيا آهيون.
هن چيو ته نجي شعبا معاشري جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، سنڌ ۾ عورتن کي موٽرسائيڪل هلائڻ جي تربيت ڏني ويندي.