ڳوٺ نور محمد جوڻيجو ۾ ٽرانسفارمر مان شارٽ سرڪٽ مان ڪولهي برادري جي گهرن کي باهه وڪوڙي وئي
ٽنڊو ڄام (ويب ڊيسڪ) ٽنڊو ڄام ۾ راهوڪي اسٽاپ ويجهو ڪولهي برادري جي گهرن کي باهه، 3 ڪکاوان گهر سڙي ويا.
ڳوٺ نور محمد جوڻيجو ۾ بجلي جي ٽرانسفارمر مان شارٽ سرڪٽ ٿيڻ سبب ڪولهي برادري جي گهرن کي باهه وڪوڙي وئي.
باهه سبب ٽن پورهيتن جا ڪکاوان اجها سڙي رک ٿي ويا، متاثر کُليل آسمان هيٺ ويٺل، سهائتا جي اپيل.