ڳوٺاڻي ستار رند جي ٻِن معصوم پُٽن نصيب ۽ نسيم کي پوليو جو شڪ ظاهر
ٽنڊو محمد خان (ويب ڊيسڪ) ٽنڊو محمد خان جي ڳوٺ گُلڻ رند ۾ ٻن معصوم ڀائرن سميت 4 ٻارڙا هلڻ ڦرڻ کان لاچار، پوليو جو شڪ ظاهر.
ڳوٺاڻي ستار رند جي ٻِن معصوم پُٽن نصيب ۽ نسيم کي پوليو جو شڪ ظاهر.
ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته 12 سالن جي نينگري سميت 4 ٻارڙا هلڻ ڦرڻ کان لاچار آهن، سندن پير سُڪي ويا آهن.
ڳوٺاڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته جلد ڳوٺ ۾ صحت کاتي جي ٽيم موڪلي معصوم ٻارڙن جي چڪاس ڪرائي وڃي.