وزيراعظم بلوچستان ۾ امن امان بابت اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندو
ڪوئيٽا (نيشنل ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان ۾ امن امان بابت اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندو.
وزيراعظم شهباز شريف ڪابينا ميمبرن سان گڏ اهم جرڳي ۾ به شرڪت ڪندو.
گورنربلوچستان، وزيراعليٰ بلوچستان، صوبائي وزير ۽ قبائلي اڳواڻ به وزيراعظم سان گڏ جرڳي ۾ شريڪ ٿيندا.
بلوچستان ۾ امن امان سميت مجموعي صورتحال تي غور ڪيو ويندو، جرڳي دوران اڳواڻن کي مختلف معاملن تي اعتماد ۾ ورتو ويندو.