حمص (انٽريسٽنگ ڊيسڪ) شام ۾ هڪ جوڙي پنهنجي نئين ڄاول ٻار جو نالو ”ٽرمپ“ رکي ڇڏيو.
عرب ميڊيا رپورٽ موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان شام تي لاڳو پابندين ۾ نرميءَ کان پوءِ شامي صوبي حمص سان تعلق رکندر هڪ جوڙي پنهنجي نئين ڄاول پٽ جو نالو ”ٽرمپ احمد السطوف“ رکي ڇڏيو.
ان بابت ٻارڙي جي والد احمد السطوف چيو ته اسان ڊگھي وقت تائين تڪليفون برداشت ڪيون آهن، هاڻ آمريڪي صدر طرفان شام تي لاڳو پابندين ۾ نرمي شايد ان ڳالهه جي علامت آهي ته مستقبل ۾ شيون بدلجي وڃن.
هن چيو ته اسان پنهنجي نئين ڄاول پٽ جو نالو ”ٽرمپ“ ان جي لاءِ رکيو آهي ته جيئن ڊونلڊ ٽرمپ جي ان فيصلي کي اسان سدائين ياد رکي سگھون.
شامي جوڙي جي ان قدم ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي خاص ڌيان حاصل ڪري ورتو آهي، سوشل ميڊيا صارفن طرفان ان تي دلچسپ تبصرا پڻ ڪيا پيا وڃن.