تازہ ترین

پاڪ-ڀارت جنگبندي برقرار آهي، دهشتگردن جا ڏينهن ڳڻجي چڪا: نائب وزيراعظم اسحاق ڊار

دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو: پريس ڪانفرنس کي خطاب

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪ-ڀارت جنگبندي برقرار آهي، دهشتگردن جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن.

پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.

پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان پنهنجي سرزمين دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏئي، افغانستان سان لاڳاپن کي بهتر بڻائينداسين.

هن چيو ته ڀارت ۽ اسرائيل وچ ۾ لاڳاپن سان پاڪستان جو ڪو واسطو نه آهي، خطي ۾ ڇڪتاڻ جو وڏو ڪارڻ ڪشمير جو مسئلو آهي.

اسحاق ڊار چيو ته ڀارت جي سياسي بيانن تي رڳو افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو، رافيل جهاز ٺاهيندڙ پاڻ ئي چئي رهيا آهن ته انهن جا جهاز تباهه ٿيا، رافيل جهاز تباهه ڪرڻ تي ڀارت به شڪست قبول ڪري.

نائب وزيراعظم وڌيڪ چيو ته چين پاڪستان جي خودمختياري جي حمايت ڪئي، چيني پرڏيهي وزير مناسب وقت تي پاڪستان جي دوري جي خاطري ڪرائي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.