اداڪارا انجلينا جوليءَ پاران شهيد فلسطيني صحافي فاطمه حسونه کي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي وئي
ڪانز سٽي (شوبز ڊيسڪ) ڪانز فلم فيسٽيول ۾ وڪي ليڪس جي باني جولين اسانج شهيد فلسطيني ٻارن سان همدرديءَ جو نرالو انداز اپنايو.
جولين اسانج 2023 کان هن وقت تائين اسرائيلي بمباري ۽ حملن ۾ شهيد ٿيندڙ 5 هزار ٻارڙن جي نالن جي ٽي شرٽ پائي فلم فيسٽيول ۾ شريڪ ٿيو.
جولين اسانج جي ٽي شرٽ تي STOP ISRAEL جي سِٽ واضح نموني لکيل هئي جيڪا تصوير ۾ پڻ ڏسي سگھجي ٿي.
ٻئي طرف آمريڪي اداڪارا انجلينا جوليءَ به فلم فيسٽيول ۾ شهيد فلسطيني صحافي فاطمه حسونه کي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي.
انجلينا جوليءَ پنهنجي خطاب ۾ خاص طور تي اسرائيلي بمباريءَ ۾ شهيد ٿيندڙ 23 سالا جڳ مشهور فلسطيني فوٽو گرافر صحافي فاطمه حسونه جو ذڪر ڪيو.
ياد رهي ته ڪانز فلم فيسٽول ۾ چونڊجندڙ دستاويزي فلم ۾ فاطمه حسونه اهم ڪردار ادا ڪيو هو، ان جي فلم 15 اپريل 2025ع تي ڪانز فلم فيسٽيول لاءِ چونڊي وئي هئي.
ٻئي ڏينهن تي سندس گھر هڪ اسرائيلي حملي ۾ تباهه ٿي ويو هو ۽ هوءَ اسرائيلي هوائي حملي ۾ پنهنجي خاندان جي 9 گھر ڀاتين سميت شهيد ٿي وئي هئي.