ڀارت کي پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ نه ڏنو ويندو: اسلام آباد ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهيون
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ خطي لاءِ نقصانڪار آهي، ٻئي ايٽمي ملڪ آهن.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڀارت کي پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ نه ڏنو ويندو.
پاڪستان جو پيغام امن، استحڪام ۽ ترقي آهي، وزيراعظم جي هدايت تي سفارتي ڪميٽي مختلف ملڪن جا دورا ڪندي
پ پ چيئرمين چيو ته عالمي سطح تي پاڪستان جو موقف ڀرپور نموني پيش ڪيو ويندو، پهلگام واقعي بعد ڀارت ثبوت ڏيڻ بدران الزام لڳايا.
پاڪستان شفاف عالمي جاچ جي آڇ ڪئي پر ڀارت ڪوڙ، نفرت ۽ ويڙهائڻ جي ايجنڊا جو سهارو ورتو.
پ پ چيئرمين جو وڌيڪ چوڻ هو ته خطي جي امن لاءِ ڪشمير سميت سمورا حل ٿيڻ جوڳا تڪرار حل ڪرڻا پوندا.
سفارتي ڪميٽي جو پرڏيهي آفيس جو دورو، پرڏيهي کاتي طرفان ڪميٽي کي خطي جي موجودا صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي.