دهشتگردن جي حملي ۾ ڪيترائي ٻار زخمي ٿيا آهن: آءِ ايس پي آر جي پڌرائي
خضدار (نيشنل ڊيسڪ) ڀارتي حمايتي يافته دهشتگردن جو بلوچستان ۾ اسڪولي بس تي وار، 3 ٻارن سميت 5 ڄڻا شهيد.
خضدار ۾ دهشتگردن اسڪولي بس تي حملو ڪيو، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته دهشتگردن جي حملي ۾ ڪيترائي ٻار زخمي ٿيا آهن.
آءِ ايس پي آر موجب معصوم جانين کي نشانو بڻائڻ سنگين دهشتگردي آهي، حملي جي رٿابندي ڀارتي دهشتگرد رياست ڪئي.
آءِ ايس پي آر جي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته حملي جي رٿابندي ڪندڙن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.